سنڌ جا ٽالپور

سنڌ جا ٽالپور

سنڌ جا ٽالپور

سنڌ جا ٽالپور (ڪتاب): هي ڪـتاب نـوجـوان محـقـق ۽ ليـکـڪ صفدر حسين ميرزا جو لکيل آهي، جنهن ۾ حيدرآباد، خيرپور ۽ ميرپورخاص جي ٽالپر حڪمرانن جو سلسليوار رنگين تصويرن سميت سربستو احوال ڏنل آهي. هي ڪتاب سڄو رنگين آرٽ پيپر تي ڇپيل آهي. هن ڪتاب ۾ حيدرآباد جي ٽالپر حڪمرانن مان مير فتح علي خان ٽالپر، مير غلام علي خان ٽالپر، مير ڪرم علي خان ٽالپر، مير محمود خان ٽالپر، مير مراد علي خان ٽالپر، مير نور محمد خان ٽالپر، مير محمد نصير خان ٽالپر، مير صوبدار خان ٽالپر، مير محمد خان ٽالپر، مير شهداد خان ٽالپر، مير حسين علي خان ٽالپر، مير محمد حسن خان ٽالپر، مير عباس علي خان ٽالپر، هزهائينس مير عبدالحسين خان ٽالپر، خيرپور ميرس جي ٽالپر حڪمرانن مان مير سهراب خان ٽالپر،رستم خان ٽالپر'> مير رستم خان ٽالپر، مير علي مراد خان ٽالپر، مير فيض محمد خان ٽالپر،امام بخش خان ٽالپر'> مير امام بخش خان ٽالپر، خان ٽالپر'>مير علي نواز خان ٽالپر ۽ ميرپورخاص جي ٽالپر حڪمرانن مان مير ٺاري خان ٽالپر ۽ مير شير محمد خان ٽالپر جو تفصيلي احوال تصويرن سميت ڏنل آهي. ان کانسواءِ حيدرآباد جي شهداداڻي ٽالپر حڪمرانن ۽ خيرپور جي سهراباڻي ٽالپر حڪمرانن جا شجرا پڻ شامل آهن. اداري پاران مير احسان علي خان ٽالپر ٻه اکر لکيا آهن.
ڊبل ڪرائون سائيز ۾ چار رنگي ٽائيٽل سان 94 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ٽالپر فائونڊيشن 2011ع تي ڇپجي ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي ڪابه قيمت نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو